گهاري ويجهو اينٽي انڪروچمينٽ ۽ پوليس پاران زمين تان قبضو خالي ڪرائڻ تان ڳوٺاڻن سان چڪريون ٿي پيون

Gharo-Protest-Khatam-2169-17916

گهاري ويجهو اينٽي انڪروچمينٽ ۽ پوليس پاران زمين تان قبضو خالي ڪرائڻ تان ڳوٺاڻن سان چڪريون ٿي پيون، جنهن دوران فائرنگ ۾ 3 ڳوٺاڻا زخمي ٿي پيا، واقعي خلاف رهواسين پاران ڪراچي ۽ ٺٽو روڊ تي لڳل ڌرڻو پوليس جي خاطري کانپوءِ ختم ڪيو ويو.

لاشاري وليج تي اينٽي انڪروچمينٽ ڪراچي ۽ ٺٽو پوليس زمين تان قبضو خالي ڪرائڻ لاءِ گڏيل ڪارروائي ڪئي ته ڳوٺاڻن سان چڪريون ٿي پيون.

چڪريون دوران فائرنگ ۾ ڳوٺاڻو سهيل جوکيو، حفيظ چنو ۽ عجبيب لاشاري زخمي ٿي پيا، جنهن بعد رهواسين ڪراچي- ٺٽو روڊ تي ڌرڻو هڻي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي.

رهواسين جو چوڻ هو ته ڪيترن ئي سالن کان هو لاشاري وليج ۾ آباد آهن، پر پوليس ۽ اينٽي انڪروچمينٽ ٽيم چڙهائي ڪري ڳوٺاڻن کي تشدد جو نشانو بڻايو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته ادارن جي نا انصافي جو نوٽيس وٺي ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.

ايم پي اي امير حيدر شاهه پوليس سان ڳالهيون ڪرڻ بعد مظاهرين وٽ پهچي کين انصاف جي خاطري ڪرائي، جنهن کانپوءِ چئن ڪلاڪن کان لڳل ڌرڻو ختم  ڪيو ويو.

ايس ايس پي ٺٽو فداحسين مستوئي جو چوڻ آهي ته معاملي جي جاچ ڪئي ويندي، جيڪڏهن اينٽي انڪروچمنيٽ عملدارن غير قانوني طور ڪارروائي ڪئي آهي ته انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

اينٽي انڪروچمينٽ عملدارن جو چوڻ آهي ته ڪراچي واسڻ عورت نصرت شاهه 32 ايڪڙ زمين تي قبضي بابت عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي،  جنهن  بعد عدالتي حڪم تي قبضو خالي ڪرائڻ لاءِ ڪارروائي ڪئي وئي آهي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*