عمران خان وزيراعظم ٿيڻ وارو خواب چڪنا چور ٿيڻ تي گهرن تي حملن جي سياست ڪري رهيو, نواز ليگ اڳواڻ حمزه شهباز

Hamza-Shahbaz-2181-17916نواز ليگ اڳواڻ حمزه شهباز چيو آهي ته عمران خان وزيراعظم ٿيڻ وارو خواب چڪنا چور ٿيڻ تي گهرن تي حملن جي سياست ڪري رهيو آهي.

هڙپا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي حمزه شهباز چيو ته عوام احتساب ريلين کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ان ڪري ڌرڻن جي سياست ڪندڙ هاڻ ذاتيات تي لهي آيا آهن.

هن چيو ته سپريم ڪورٽ مبينا ڌانڌلي وارين دعوائن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ڪجهه ماڻهو پاڪستان ۾ انتشار واري سياست کي هٿي وٺرائڻ چاهين ٿا.

هن چيو ته ڪي پي  جو غريب عوام عمران خان کي ڳولي رهيو آهي پر هو گهرن جي گهيراءَ واري سياست ڪري رهيو آهي.

حمزه شهباز چيو ته عمران خان جو احتساب 2018  جي چونڊن ۾ ٿيندو، کيس عام چونڊن جو انتظار ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته  ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي، بجلي جو بحران ختم ڪري لوڊشيڊنگ وارو جن بوتل ۾ بند ڪيو ويندو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*