لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد تحريڪ انصاف جي اعلانيل رائيونڊ مارچ کي روڪڻ لاءِ درخواست چيف جسٽس ڏانهن موڪلي لارجر بئنچ جوڙڻ جي سفارش ڪري ڇڏي

Lahore-High-14-4-16

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد تحريڪ انصاف جي اعلانيل رائيونڊ مارچ کي روڪڻ لاءِ   درخواست چيف جسٽس ڏانهن  موڪلي لارجر بئنچ جوڙڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي.

درخواستگذار وڪيل اي ڪي ڊوگر لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته تحريڪ انصاف جي رائيونڊ مارچ سان ملڪ ۾ سياسي افراتفريح پيدا ٿيڻ جو خطرو آهي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته رائيونڊ جي گهيراءَ سان سياسي ڪارڪنن ۾ ٽڪراءُ ٿيندو ان ڪري مارچ روڪڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس  شاهد درخواست چيف جسٽس ڏانهن موڪليندي لارجر بئنچ جوڙڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*