اليڪشن ٽربيونل اين اي 122 واري ڪيس ۾ رپورٽ جي ڪاپي عمران خان ۽ اياز صادق جي وڪيلن کي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اليڪشن ٽربيونل لاهور، اين اي هڪ سئو 22 تي مبينا ڌانڌلي واري ڪيس ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ بابت رپورٽ جي ڪاپي عمران خان ۽ اسپيڪر اياز صادق جي وڪيلن کي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

اليڪشن ٽربيونل لاهور جي سربراهه ڪاظم ملڪ، اين اي هڪ سئو 22 تي اسپيڪر اياز صادق جي ڪاميابي خلاف پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران ووٽن ٻيهر ڳڻپ بابت ٽربيونل جي حڪم تي جوڙيل ڪميشن جاچ رپورٽ جمع ڪرائي، جنهن کي رڪارڊ جو حصو بڻايو ويو.

اسپيڪر اياز صادق ۽ عمران خان جي وڪيلن عدالت کي درخواست ڏني ته ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ بابت جاچ رپورٽ جي ڪاپي کين فراهم ڪئي وڃي.

ان تي ٽربيونل حڪم ڏنو ته جاچ رپورٽ جي ڪاپي ٻنهي وڪيلن کي فراهم ڪئي وڃي، جنهن بعد ڪيس جي ٻڌڻي هڪ هفتي تائين ملتوي ڪئي وئي.

ٽربيونل، وڪيلن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ تي دليل ڏين ۽ پنهنجا خدشا پيش ڪن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*