پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان وڏي وزير مراد علي شاهه جي ملاقات ڪري خواجا اظهار الحسن جي گرفتاري ۽ آزادي سميت صوبي اندر امن امان جي صورتحال تي بريفنگ ڏني

Bilwal-Murad-Ali-Shah-2185-17916

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان وڏي وزير مراد علي شاهه جي ملاقات ڪري خواجا اظهار الحسن جي گرفتاري ۽ آزادي سميت صوبي اندر امن امان جي صورتحال تي بريفنگ ڏني، سنڌ ۾ تنظيم سازي جي حوالي سان آرگنائيزنگ ڪميٽي به اڄ بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪري رپورٽ پيش ڪندي.

وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي ۾ بلاول هائوس پهچي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران وڏي وزير ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال ۽ ترقياتي منصوبن سميت صوبي جي مجموعي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني.

وڏي وزير، سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خواجا اظهار الحسن جي ايس ايس پي ملير هٿان گرفتاري ۽ آزاديءَ جي جي حوالي سان به پ پ چيئرمين کي آگاهه ڪيو.

سنڌ ۾ تنظيم سازي جي حوالي سان آرگنائيزنگ ڪميٽي به اڄ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪري پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*