مهمند ايجنسي ۾ ٿيل آپگهاتي حملي جي زخمين مان وڌيڪ 6 ڄڻن جي فوت ٿيڻ بعد شهيد ٿيلن جو انگ وڌي 36 ٿي ويو

Muhammad-Agency-Blast-2230--17916

مهمند ايجنسي ۾ ٿيل آپگهاتي حملي جي زخمين مان وڌيڪ 6 ڄڻن جي فوت ٿيڻ بعد شهيد ٿيلن جو انگ وڌي 36 ٿي ويو.

مهمند ايجنسي ۾ هڪ مسجد اندر ڪالهه جمعي جي نماز بعد آپگهاتي ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪالهه تائين 30 ڄڻا شهيد ٿي ويا هئا ۽ هڪ سئو جي لڳ ڀڳ زخمي ٿيا هئا.

زخمين کي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو هو، جتي اڄ وڌيڪ 6 زخمين دم ڌڻي حوالي ڪيو.

6 ڄڻن جي فوت ٿيڻ بعد آپگهاتي حملي ۾ شهيد ٿيلن جو انگ وڌي 36 ٿي ويو، اڃا به ڪيترن ئي زخمين جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*