ٿر ۾ بک ۽ بيمارين سبب وڌيڪ هڪ ٻارڙو فوت ٿي ويو انگ وڌي 355 ٿي ويو

ٿر ۾ موت جو رقص جاري آهي، سول اسپتال ۾ وڌيڪ هڪ ٻارڙو ڏڪار جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو، جنهن بعد سوا ٽن مهينن دوران فوتين جو انگ وڌي 355 ٿي ويو آهي.

 سول اسپتال ۾ پورهيت سريش ميگهواڙ جي 13 ڏينهن جي ٻارڙي بيماري بعد دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، جنهنن  بعد ڏڪاريل ٿر ۾ سوا ٽن مهينن جي عرصي دوران فوتين جو انگ وڌي 355 ٿي ويو آهي.

ٿرپاڪر ۾ ڏڪار  ۽ بيمارين سبب معصوم ٻارڙن جي فوت ٿيڻ وارو سلسلو  رڪجي نه سگهيو آهي، سنڌ حڪومت به ٿر جي ماروئڙن تان ڌيان هٽائي ڇڏيو آهي.

ڏڪار متاثرن جو چوڻ آهي ته برساتون نه پوڻ ڪري چوپائي مال جو چارو به ختم ٿي ويو آهي، کوهن جو کارو پاڻي واپرائڻ سبب ٻارڙا مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن.

هنن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو آهي ته سندن مالي سهائتا سان گڏ اسپتالن ۾ ٻارڙن جي صحيح نموني ويڪسينيشن ڪري وڌيڪ حياتيون ضايع ٿيڻ کان بچايون وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*