تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جو اڄ رٿيل دورو ملتوي ڪري ڇڏيو

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جو اڄ رٿيل دورو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي، عمران خان چيو آهي ته آرمي چيف جي ڪري دورو ملتوي ڪيو آهي، ايندڙ هتي بهادر ٻارن سان گڏ هوندس.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل ٽوئيٽ ۾ عمران خان چيو ته هن گهرواري ريحام خان ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ سان گڏ اڄ آرمي پبلڪ اسڪول جي دوري جو ارادو ڪيو هو.

عمران خان چيو ته کيس اڄ دورو ملتوي ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي ۽ ٻڌايو ويو ته پاڪ فوج جو سربراهه جنرل راحيل شريف، آرمي پبلڪ اسڪول کلڻ تي اتي موجود آهي.

عمران خان وڌيڪ چيو ته ايندڙ هفتي هو آرمي پبلڪ اسڪول ضرور ويندو ۽ پنهنجي بهادر ٻارڙن سان گڏ هوندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*