ڪروشيا ۾ صدارتي چونڊن دوران اپوزيشن اڳواڻ گريبر ڪينٽارووڪ ملڪ جي پهرين صدر طور ڪاميابي ماڻي ورتي

ڪروشيا ۾ صدارتي چونڊن دوران اپوزيشن قدامت پسند اڳواڻ ڪولينڊا گريبر ڪينٽارووِڪ ملڪ جي پهرين عورت صدر طور ڪاميابي ماڻي ورتي آهي.

اڳوڻي يوگوصلاويا جي ملڪ ڪروشيا ۾ صدارتي چونڊن دوران 46 ورهين جي گريبر ڪيٽارووِڪ 51 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪري ملڪ جي پهرين عورت صدر چونڊجي وئي آهي.

يوگوصلويا جي اڳوڻي ملڪ جي حڪمران جماعت جي سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اڳواڻ اِيوو جوزيپووڪ کي 49 سيڪڙو ووٽ مليا جنهن بعد حڪمران جماعت جي اڳواڻ پنهنجي شڪست تسليم ڪري ڇڏي آهي.

ڪورشيا ۾ صدارتي چونڊن دوران ٽرن آئوٽ 99 سيڪڙو رهيو رهيو.

واضع رهي ته حڪمران جماعت جي اڳواڻ تي بدانتظاميا سان گڏ، روزگار، ماحولياتي گدلاڻ جي خاتمي ۽ ٻين معاملن ۾ الزام لڳل هئا.

ملڪ جي صدر گريبر ڪينٽارووڪ کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ان جمهوري مقابلي بعد اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*