روڊ حادثي جي ذميوارن کي سزا ڏيڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي

ڪراچي جي ميمڻ ڳوٺ واري علائقي ۾ روڊ حادثي جي ذميوارن کي سزا ڏيڻ ۽ فائر برگيڊز نه پهچڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي.

شهري راڻا فيض الحسن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته بس حادثي ۾ 67 مسافرن جي فوت ٿيڻ واري معاملي جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ فائر برگيڊ فوري طور نه پهچڻ واري معاملي جي جاچ ڪرائي وڃي.

درخواست ۾ چيف سيڪريٽري، ٽرانسپورٽ  ۽ ٻين عملدارن توڙي حادثي جو شڪار ٿيل بس ڊرائيور کي ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته روڊ خراب هئڻ سبب حادثا روز جو معمول بڻيل آهن، انڪري بسن ۾ ايمرجنسي گيٽ لڳائڻ لاءِ ٽرانسپورٽرن کي پابند بڻايو وڃي.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته بس سان پيش آيل حادثي جي ذميوارن جو تعين ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*