خانواهڻ مان مبينا طور تي کنڀي گم ڪيل راجا منگي جي بازيابي لاءِ جيئي سنڌ محاذ جي سڏ تي مختلف سياسي پارٽين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

khawan raja baziyabi

خانواهڻ مان مبينا طور تي کنڀي گم ڪيل راجا منگي جي بازيابي لاءِ جيئي سنڌ محاذ جي سڏ تي مختلف سياسي پارٽين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

خانواهڻ جي سيد پاڙي مان 40 چاليهه ڏينهن اڳ مبينا طور کنڀي گم ڪيل راجا منگي جي بازيابي لاءِ، جيئي سنڌ محاذ جي سڏ تي هارون ڪلهوڙو، سڄڻ پيرزادو ۽ عزيز گھانگهرو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

احتجاج ڪندڙن الزام هنيو ته راجا منگي کي بنا جواز جي کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جنهن بابت پوليس سميت ڪو به ٻڌائڻ لاءِ تيار نه آهي.

هنن چيو ته راجا منگي پرامن سياسي ڪارڪن ۽ علائقي جو سرگرم سماجي اڳواڻ آهي، جنهن کي کنڀي گم ڪرڻ ناانصافي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته راجا منگي کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي، جيڪڏهن مٿس ڪو ڪيس داخل به آهي ته کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*