اُڙي سيڪٽر ۾ فوج جي برگيڊ هيڊڪوارٽر تي حملي کانپوءِ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس

Modi-UriAttacks-19916

اُڙي سيڪٽر ۾ فوج جي برگيڊ هيڊڪوارٽر تي حملي کانپوءِ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس، ڀارتي پرڏيهي وزير  وِي ڪــَي سنگهه چيو آهي ته موجوده حالتن ۾ ڪوبه جذباتي فيصلو نٿو ڪري سگهجي، پر هاڻي ڪونه ڪو فيصلو ضرور ڪيو ويندو.

ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ بچاءَ واري وزير منوهر پاريڪر  پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير  وِي ڪــَي سنگهه، گهرو وزير راجناٿ سنگهه، قومي سلامتي جي صلاحڪار اجيت ڊووال، آرمي چيف جنرل دَلبــِير سنگهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران اُڙي حملي کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال جو جائزو ورتو ويو، ان موقعي تي اُڙي جو دورو ڪري آيل آرمي چيف ۽ بچاءَ واري وزير صورتحال بابت آگاهي ڏني.

وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس کانپوءِ گهرو وزير راجناٿ سنگهه بچاءَ واري وزير منوهر پاريڪر، ناني واري وزير ارون جيٽلي ۽ ٻين سان ڌار گڏجاڻي ڪئي.

ان موقعي تي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير وِي ڪــَي سنگهه جو چوڻ هو ته موجوده حالتن ۾ ڪوبه جذباتي فيصلو نٿو ڪري سگهجي پر وزيراعظم جي چواڻي ته ڪونه ڪو فيصلو ضرور ڪيو ويندو.

اجلاس دوران حملي کناپوءِ پيدا ٿيل چيلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ امڪاني حڪمت عملي تي به غور ويچار ڪيو ويو.

ڀارتي فوج جي برگيڊ هيڊڪوارٽر تي حملي ۾ 17 فوجين جي مارجڻ واري واقعي جي جاچ لاءِ نيشنل انويسٽيگيشن جي ٽيم به اُڙي پهچي رهي آئي، جيڪا واقعي جون شاهديون گڏ ڪندي.

ڀارت بنا جاچ جي حملي جا الزام پاڪستان تي مڙهيا، جن کي پاڪستان رد ڪندي چيو آهي ته جاچ کان اڳ ئي الزام مڙهڻ ڀارت جو غلط ورتاءُ آهي.

ٻئي پاسي امريڪا توڙي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون پاران اُڙي حملي جي مذمت ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*