والاريل ڪشمير جي گادي واري شهر سرينگر جي ڪجهه حصن سميت مختلف علائقن ۾ ڪرفيو برقرار

Kashmir-Jammu-19916

والاريل ڪشمير جي گادي واري شهر سرينگر جي ڪجهه حصن سميت مختلف علائقن  ۾ ڪرفيو برقرار آهي ۽ ويران روڊن رستن تي رڳو ڀارتي فوج ۽ پوليس جو گشت نظر اچي رهيو آهي.

جولاءِ جي شروع ۾ ڀارتي فورسز هٿان ڪشميري ويڙهاڪ برهان واني جي مارجڻ کانپوءِ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ سوا ٻن مهينن کان برقرار آهي، جنهن دوران ڀارتي فورسز جي فائرنگ ۾ سئو کان وڌيڪ ڪشميري حياتيون قربان ڪري چڪا آهن ۽ هزارين زخمي آهن.

ڀارتي فوج پاران ڇــِرَي واري بندوق استعمال ڪرڻ سبب ڪيترائي ڪشميري زخمي ڪارتوس جا ڇــِرا لڳڻ سبب اکين جو نور به وڃائي چڪا آهن.

حريت اڳواڻن پاران هڙتال ۽ احتجاج جو سڏ 22 سيپٽمبر تائين وڌائڻ بعد ڀارتي حڪومت مختلف علائقن ۾ ڪرفيو جو مدو به وڌائي ڇڏيو آهي.

اُڙي ۾ ڀارتي فوج جي برگيڊ هيڊڪوارٽر تي حملي ۾ 17 فوجين جي مارجڻ بعد ڀارتي فوج توڙي پوليس گشت وڌائيندي چيڪنگ جو سلسلو وڌيڪ سخت ڪري ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*