امريڪي رياست نيو جرسي ۾ بم ڊسپوزل اسڪواڊ ڊرون ذريعي ريلوي اسٽيشن تي لڳايل مبينا بم کي ڌماڪي سان تباهه ڪري ڇڏيو

NEW-JERSEY-19916

امريڪي رياست نيو جرسي ۾ بم ڊسپوزل اسڪواڊ ڊرون ذريعي ريلوي اسٽيشن تي لڳايل مبينا بم کي ڌماڪي سان تباهه ڪري ڇڏيو.

نيوجرسي جي ميئر ڪرسٽن بولويج موجب علائقي الزبيٿ شهر جي ريلوي اسٽيشن تي صفائي ڪندڙ عملي کي شڪي پارسل ۽ ان مان نڪرندڙ تارون ۽ پائيپ به نظر آيون، جن پوليس کي اطلاع ڏنو.

اطلاع ملڻ تي  يونين ڪائونٽي بم اسڪواڊ موقعي تي پهتو ۽ انهن پارسل کي بم  قرار ڏنو، جنهن بعد ڊرون ذريعي ان کي ناڪاره بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اهو ڌماڪي سان ڦاٽي پيو.

واقعي کانپوءِ نيوجرسي ٽرانزٽ ڪارپوريشن ۽ ايمتريڪ پاران الزبيٿ اسٽيشن ڏانهن ٽرينن جي آمد رفت روڪي وئي.

ان کان اڳ نيويارڪ جي مينهٽن ضلعي جي چيلسي شهر ۾ پريشر ڪڪر سان ڌماڪو ڪيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ 29 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا.

امريڪي جاچ ادارن موجب چيلسي ڌماڪو توڙي ان جي ڀرسان ملندڙ ٻي ڊوائس ۾ لوهي ٽڪرن سان ڀريل پريشر ڪڪر استعمال ڪيا ويا هئا.

ٻئي پاسي ايف بي آءِ نيويارڪ ڌماڪي جي شڪ ۾ 5 ڄڻن جي گرفتاري جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*