ترڪ صدر رجب طيب اردغان چيو آهي ته امريڪا شامي باغي شام ۾ امريڪي فورسز جي مداخلت نٿا چاهين

turkey-president-Tayyab-30716

ترڪ صدر رجب طيب اردغان چيو آهي ته امريڪا شامي باغي شام ۾ امريڪي فورسز جي مداخلت نٿا چاهين، ڇاڪاڻ ته امريڪي مداخلت جي ڪري ئي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي رهي آهي.

استنبول ۾ نيوز ڪانفرس ڪندي صدر اردغان جو چوڻ هو ته شام ۾ سندن اهلڪارن  ۽ اسپيشل فورسز 27 کان 30 ڄڻن تي ٻڌل امريڪي فورسز کي پرامن طريقي شام مان ڪڍيو آهي.

هن چيو ته شام جي بحران حل نه ڪرڻ جو هر سيڪنڊ هر منٽ گڏيل قومن لاءِ خواري جو سبب بڻجندو پيو وڃي، شام جو مسئلو پناهگيرن سان غير انساني ورتاءُ يا انهن کي ڪنڊيدار تارن پويان واڙڻ سان حل نٿو ٿي سگهي، انڪري ترقي پسند ملڪن کي پناهگيرن جي مسئلي بابت پنهنجي ذميواري نڀائڻ گهرجي.

ترڪ صدر چيو ته جرابلس جو علائقو داعش جي دهشتگردن کان خالي ڪرايو ويو آهي، جنهن بعد اتان لڏپلاڻ ڪري ويل ماڻهو خوشي سان واپس موٽي رهيا آهن، جن کي هر قسم جي امداد به ڏني وئي آهي.

طيب اردغان ٻڌايو ته ترڪ فوج الرائي جو علائقو به داعش کان ڇڏائي ورتو آهي ۽ هاڻي اهي الباب ڏانهن اڳڀرائي ڪري رهي آهي، پر امريڪا چوي ٿو ته اسان اتي ڇو وڃي رهيا آهيون ۽ اسان امريڪا کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اسان اتي وينداسين ۽ اهو يقيني بڻائينداسين ته اهي علائقا ترڪي لاءِ خطرو نه بڻجن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*