سپريم ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن بابت انگ اکر گڏ ڪرڻ جو اٽارني جنرل کي حڪم ڏئي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ، اٽارني جنرل کي، گم ٿيل ماڻهن بابت انگ اکر گڏ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چئني صوبن جي ايڊووڪيٽ جنرلز  ۽ اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪندي 10 ڏينهن اندر جواب طلب ڪري ورتو آهي، جسٽس جواد ايس خواجه ريمارڪس ۾ چيو آهي ته گم ٿيل ماڻهن وارو  مسئلو قومي سطح جو ايشو آهي، حڪومت کي حل لاءِ ڪجهه ڪرڻو پوندو.

جسٽس جواد ايس خواجه جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ گم ٿيل ماڻهن ۽ چچريل لاش ملڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران وائس آف مسنگ پرسن جي چيئرمين نصر الله ٻڌايو ته صوبي مان ملندڙ چچريل لاشن کي ٻي ڏينهن تي ئي دفنايو ويندو آهي.

نصر الله چيو ته لاشن کي سڃاڻپ لاءِ هڪ مهيني تائين به ناهي رکيو ويندو، بغير سڃاڻپ جي تدفين ڪئي ويندي آهي.

جسٽس جواد ايس خواجه ريمارڪس ڏنا ته سڄي ملڪ ۾ گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو آهي، حڪومت کي حل ڪرڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو پوندو.

جسٽس جواد ايس خواجه ريمارڪس ۾ وڌيڪ چيو ته گم ٿيل ماڻهن جون شاهديون گڏ ڪرڻ به حڪومت جو ئي ڪم آهي.

عدالت، اٽارني جنرل کي حڪم ڏنو ته گم ٿيل ماڻهن جا انگ اکر گڏ ڪري ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪيا وڃن، جڏهن ته عدالت بلوچستان ۾ سرد خاني جي گنجائش بابت پڻ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

عدالت، اٽارني جنرل ۽ چئني صوبن کي نوٽيس جاري ڪندي 10 ڏينهن اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي، جنهن بعد ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*