عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد بني گالا ۾ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان سان ملاقات ڪري اعلانيل رائيونڊ مارچ هر حال ۾ ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو

Imran-Khan-Shaikh-Rasheed-19916

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد بني گالا ۾ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان سان ملاقات ڪري اعلانيل رائيونڊ مارچ هر حال ۾ ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي، عمران خان چيو آهي ته هو غنڊه گردي ۽ ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا نه آهن، شيخ رشيد چيو آهي ته مارچ کان روڪيو ويو ته رخ جاتي امراءَ ڏانهن ٿي ويندو.

شيخ رشيد رائيونڊ پهچي عمران خان ملاقات ڪري 30 سيپٽمبر تي اعلانيل رائيونڊ مارچ جي حڪمت عملي تي غور ڪيو.

ٻنهي اڳواڻن رائيونڊ مارچ هر حال ۾ ڪرڻ ۽ ڪارڪنن تي وڏي انگ ۾ شرڪت کي يقيني بڻائڻ بابت به حڪمت عملي طئي ڪئي وئي.

ان موقعي تي ڳالهائيندي عمران خان جو چوڻ هو ته هو ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا نه آهن، رائيونڊ مارچ هر حال ۾ ڪيو ويندو.

شيخ رشيد جو چوڻ هو ته حڪمرانن غنڊه گردي ڪئي ته پوءِ مارچ جو رخ جاتي امراءَ ڏانهن به ٿي سگهي ٿو…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*