پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خانپور پهچي عيد ڏينهن آپگهاتي بم حملي کي ناڪام بڻائڻ دوران شهيد ٿيل اهلڪار رفيق قريشي جي وارثن سان تعزيت ڪئي

Bilawal-Murad-Siraj-19916

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خانپور پهچي عيد ڏينهن آپگهاتي بم حملي کي ناڪام بڻائڻ دوران شهيد ٿيل اهلڪار رفيق قريشي جي وارثن سان تعزيت ڪئي، بلاول چيو آهي ته شهيد اهلڪار ۽ رضاڪارن جي جرئت کي سلام ڪيان ٿو، بلاول رضاڪارن ۽ ٽن پوليس اهلڪارن کي 50-50 هزار رپيا روڪ انعام به ڏنو.

بلاول ڀٽو زرداري سخت سيڪيورٽي ۾ خانپور پهچي شهيد پوليس اهلڪار رفيق قريشي جي وارثن سان تعزيت ڪئي، ان موقعي تي وڏو وزير مراد علي شاهه، اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه سميت ٻيا اڳواڻ موجود هئا.

بلاول ڀٽو زرداري شهيد جي وارثن سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته شهيد رفيق قريشي بهادري سان آپگهاتي بمبار کي پڪڙي دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام بڻائي انساني جانيون بچايون، جنهن تي هو کيس سلام پيش ڪري ٿو.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته امام بارگاهه ۾ آپگهاتي ڌماڪي ڪرڻ لاءِ آيل دهشتگرد کي جن رضاڪارن پڪڙيو انهن کي به سلام پيش ڪيان ٿو.

بلاول ڀٽو زرداري آپگهاتي بمبارن کي پڪڙيندڙ 9 رضاڪارن ۽ 3 پوليس اهلڪارن کي 50-50 هزار رپيا روڪ انعام به ڏنو.

شهيد اهلڪار جي وارثن سان تعزيت بعد بلاول شڪارپور پهچي اڳوڻي صوبائي وزير آغا تيمور پٺاڻ سان سندس والد جي وفات تي ساڻس تعزيت ڪئي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*