پنجاب حڪومت جي ترجمان زعيم قادري جي پريس ڪانفرنس دوران پهتل گلو بٽ جي ڀاءُ غني بٽ کي نوازشريف جانثار فورس جي ڪارڪنن پاران ڪٽڪو ڏنو ويو

Zaeem-Qadri-PMLN-19916

پنجاب حڪومت جي ترجمان زعيم قادري جي پريس ڪانفرنس دوران پهتل گلو بٽ جي ڀاءُ غني بٽ کي نوازشريف جانثار فورس جي ڪارڪنن پاران ڪٽڪو  ڏنو ويو، جنهن بعد پوليس کيس حراست ۾ وٺي ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي، زعيم قادري چيو آهي ته نوازشريف جي عزت بچائڻ لاءِ نواز ليگ جا ڪارڪن جان ڏيڻ کان به نه ڪيٻائيندا، عمران خان 25 سيپٽمبر تائين رائيونڊ مارچ جي روٽ جا تفصيل ٻڌائي.

 پنجاب حڪومت جو ترجمان زعيم قادري لاهور پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس لاءِ پهتو ته گلو بٽ جو ڀاءُ غني بٽ به پريس ڪانفرنس ۾ پهچي ويو.

غني بٽ جي پريس ڪانفرنس ۾ پهچڻ بعد صحافين سان ڏندچڪ ٿي، جنهن دوران ٿيل بدنظمي بعد نوازليگ ڪارڪنن گلو بٽ جي ڀاءُ کي پريس ڪلب کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.

گلو بٽ جو ڀاءُ غني بٽ جئين ئي پريس ڪلب کان ٻاهر نڪتو ته مٿس نوازشريف جانثار فورس جا ڪارڪن مٿس ڪڙڪي پيا ۽ کيس سخت مارڪٽ ڪئي.

غني بٽ کي مارڪٽ دورا پوليس پهچي کيس حراست ۾ وٺڻ بعد ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

ان کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي پنجاب حڪومت جي ترجمان زعيم قادري جو چوڻ هو ته عمران خان رائيونڊ مارچ جي روٽ کان آگاهه ڪري.

زعيم قادري جو چوڻ هو ته نوازليگ ڪارڪنن نوازشريف لاءِ جان ڏيڻ کان به نه ڪيٻيائيندا..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*