وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي رياستي دهشتگردي سبب سوين شهري شهيد ٿي چڪا آهن

kashmeer pm meet

وزير اعظم نواز  شريف چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي رياستي دهشتگردي سبب سوين شهري شهيد ٿي چڪا آهن، گڏيل قومن کي ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

نيويارڪ پهتل وزير اعظم نواز شريف برطانوي وزير اعظم ٿريسامي سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران پاڪ-برطانيا لاڳاپن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ملاقات دروان وزير اعظم نواز شريف والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي رياستي دهشتگردي وارو معاملو به اٿاريو.

برطانوي وزيراعظم ٿريسامي افغانستان ۾ امن جي بحالي لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو ۽ دهشتگرديءَ جي خاتمي  تي پاڪستان جي تعريف ڪئي.

برطانوي وزيراعظم ٿريسامي برطانيا ۾ ترسيل پاڪستانين جي ساراهه ڪندي چيو ته برطانيا جي ترقي ۾ پاڪستاني اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.

ان کان اڳ امريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري وزيراعظم نوازشريف سان ملقات ڪئي.ملاقات دوران سرتاج عزيز، پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري ۽ مليحه لوڌي به موجود هئي.

اڳواڻن جي ملاقات دوران پاڪ – آمريڪا لاڳاپن، افغانستان جي صورتحال ۽ والاريل ڪشمير سميت خطي جي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري آپريشن ضرب عضب ۾ مليل ڪاميابين جي تعريف ڪئي.

نوازشريف جو وڌيڪ چوڻ هو ته اڳوڻي آمريڪي انتظاميا پاڪ – ڀارت تڪرارن جي خاتمي لاءِ ڪردار ادا ڪري ۽ والاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلم کي روڪرائي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*