لاڙڪاڻي ۾ جنسي ڏاڍائي بعد قتل ڪيل ٻارڙي سنڌو سومرو ڪيس ۾ پوليس جاچ مڪمل ڪري چالان عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻي ۾ جنسي ڏاڍائي بعد قتل ڪيل ٻارڙي سنڌو سومرو ڪيس ۾ پوليس جاچ مڪمل ڪري چالان عدالت ۾ پيش ڪيو، پوليس موجب ٻارڙي سان ٻن جوابدار زيادتي ڪئي ۽ ٽنهي جوابدارن کيس قتل ڪيو.

يار محمد ڪالوني ۾18 ڏينهن اڳ جنسي ڏاڍائي بعد گهٽا ڏئي قتل ڪيل ٻارڙي فوزيا عرف سنڌو سومرو جي ڪيس ۾ پوليس جاچ مڪمل ڪري چالان دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو.

ٻڌڻي دوران جوابدارن يونس عرف ببلو، شعيب ۽ نياز جتوئي کي سخت سڪيورٽي هيٺ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

پوليس چالان ۾ ڄاڻايو ته ٻارڙي سنڌو سومرو  کي جوابدار يونس عرف ببلو ۽ شعيب جتوئي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو.

پوليس موجب ٻارڙي جي ميڊيڪل رپورٽ ۾ به زيادتي جي تصديق ٿي آهي ۽ 164 تحت ٻن شاهدن ٽنهي جوابدارن جي سڃاڻپ ڪئي آهي.

 عدالت چالان تي وصول ڪرڻ بعد ٽنهي جوابدارن کي جيل حوالي ڪرڻ جو حڪم  ڏيندي ٻڌڻي 19 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*