لاهور هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم تي پابندي لاءِ درخواست تي متحده کي 5 آڪٽوبر تائين نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي لاءِ لارجر بينچ جوڙي ڇڏي

Lahore-High-Court-19816

لاهور هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم تي پابندي لاءِ درخواست تي متحده کي 5 آڪٽوبر تائين نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي لاءِ لارجر بينچ جوڙي ڇڏي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته ايم ڪيو ايم ٻين ملڪن کان مدد گهري پوليٽيڪل ايڪٽ تحت جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، مٿس پابندي مڙهي وڃي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ ايم ڪيو ايم تي پابندي لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران درخواستگذار جي وڪيل دليل جاري رکيا.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته پوليٽيڪل ايڪٽ تحت ڪابه پارٽي ڪنهن ٻئي ملڪ کان مدد نٿي وٺي سگهي.

درخواست ۾ ڄاڻايو ويو ته ايم ڪيو ايم ٻين ملڪن کان مدد گهري پوليٽيڪل ايڪٽ تحت جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، مٿس پابندي مڙهي وڃي.

لاهور هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم تي پابندي لاءِ درخواست تي متحده کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي لاءِ لارجر بينچ جوڙي ڇڏي، جيڪا 5 آڪٽوبر تي ٻڌڻي ڪندي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*