نيو يارڪ پهتل وزير اعظم نواز شريف اڄ آمريڪي صدر براڪ اوباما سان ملاقات ڪري رهيو آهي

pm and obama

نيو يارڪ پهتل وزير اعظم نواز شريف اڄ آمريڪي صدر براڪ اوباما سان ملاقات ڪري رهيو آهي، جنهن دوران نواز شريف اوباما آڏو والاريل ڪشمير معاملو اٿاريندو.

وزير اعظم والاريل ڪشمير ۾ جاري ڀارتي ظلم وارو معاملو گڏيل قومن آڏو اٿارڻ ۽ عالمي برادري کي صورتحال کان آگاهه ڪرڻ لاءِ مختلف ملڪن جي سربراهن سان ملاقاتون ڪري رهيو آهي.

پي ايم هائوس جي ترجمان موجب، وزير اعظ۾ نواز شريف آمريڪي وقت ساڍي 3  وڳي مهاجرين ٽريسٽي ڪونسل ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندو، جتي هو آمريڪي صدر براڪ اوباما سان ملاقات ڪندو.

ملاقات دوران پاڪ-آمريڪا لاڳاپان سميت والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي رياستي دهشتگردي واري معاملي تي ويچاريو ويندو.

ٻئي پاسي وزير اعظم نواز شريف اڄ جاپانا جي هم منصب سميت ترڪ صدر رجب اردگان سان به ملاقاتون ڪري والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم وارو معاملو اٿاريندو…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*