لاهور هاءِ ڪورٽ پرويز مشرف حملي ڪيس جي ٻن جوابدارن جي ڊيٿ وارنٽس خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي

 لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ پرويز مشرف حملي ڪيس جي ٻن جوابدارن جي ڊيٿ وارنٽس خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، قيدي مشتاق ۽ نوازش علي کي اڄ فيصل آباد ڊسٽرڪٽ جيل ۾ ڦاهي ڏني ويندي، جڏهن ته سکر ۾ به ٽن دهشتگردن کي ســُولي تي ٽنگڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.

لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ جي جسٽس امتياز علي شاهه، پرويز مشرف حملي ڪيس جي ٻن جوابدار مشتاق ۽ نوازش علي جي ڊيٿ وارنٽس خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

جوابدارن جي وڪيل انعام الرحيم موقف اختيار ڪيو ته قيدين کي اڄ ڦاهي ڏني ويندي، عدالتي فيصلو اچڻ تائين ڦاهي تي عمل روڪيو وڃي.

عدالت، ٻنهي جوابدارن جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، قيدي مشتاق ۽ نوازش علي کي اڄ فيصل آباد ڊسٽرڪٽ جيل ۾ ڦاهي تي ٽنگيو ويندو.

ٻنهي قيدين کي ڦاهي ڏيڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، وارثن سان آخري ملاقات بعد جوابدارن کي ڦاهي تي ٽنگيو ويندو.

هوڏانهن سکر جي سينٽرل جيل ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جي 3 دهشتگردن کي سڀاڻي ڦاهي  ڏني ويندي، جنهن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.

قيدي شاهد، طلحه ۽ خليل کي اڄ وارثن سان آخري ملاقات ڪرائي ويندي، قيدين جو اڳ ئي ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرايل آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*