سپريم ڪورٽ، ڪوئيٽا سانحي بابت پاڻمرادي نوٽيس تي اسپتالن ۾ سهولتن ۽ ٽراما سينيٽر بابت 4 آڪٽوبر تي رپورٽ طلب ڪري ورتي

supremecourt

سپريم ڪورٽ، ڪوئيٽا سانحي بابت پاڻمرادي نوٽيس تي اسپتالن ۾ سهولتن ۽ ٽراما سينيٽر بابت 4 آڪٽوبر تي رپورٽ طلب ڪري ورتي، عدالت رماڪس ۾ چيو آهي ته سڀ ڄاڻون ٿا ته ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جو واقعو ٿيو، ڪنهن شادي ۾ ڦٽاڪا ناهن ڦاڙيا، آءِ جي بلوچستان رپورٽون پيش ڪرڻ بدران ٻڌائي ته ڪنهن جي ناڪامي سبب واقعو پيش آيو.

چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ ڪوئيٽا سانحي بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس انور ظهير جمالي آءِ جي بلوچستان کان پڇاڻو ڪيو ته سانحي جي جاچ ۾ ڪيتري اڳڀرائي ٿي آهي؟.

آءِ جي بلوچستان عدالت کي ٻڌايو ته ڪوئيٽا سانحي جي رپورٽ  جمع ڪرائي ڇڏي آهي، هي دهشتگردي جو واقعو آهي.

جسٽس عظمت سعيد آءِ جي کان پڇاڻو ڪيو ته رڳو رپورٽس پيش نه ڪيو، اهو ٻڌايو ته جوابدارن گرفتار ٿيا آهن يا نه؟.

جسٽس عظمت سعيد چيو ته عدالت کي ڄاڻ آهي ته ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جو واقعو ٿيو آهي، ڪنهن شادي تي ڦٽاڪا ناهن ڦاڙيا ويا.

عدالت رماڪس ڏنا ته ڪير غلط فهمي ۾ نه رهي، ڪوئيٽا سانحي جي شهيدن جي وارثن کي انصاف ڏياريو ويندو.

ٻڌڻي دوران متاثرن جي وڪيل حامد خان چيو ته اسپتال ۾ سڪيورٽي جا ناقص انتظام هئڻ سبب بدترين دهشتگردي جو واقعو پيش آيو.

حامد خان چيو ته زخمين کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو، پر وي آءِ پيز جي آمد سبب طبي امداد ۾ ڏکيائون پيش آيون.

عدالت آءِ جي بلوچستان ۽ چيف سيڪريٽري کان رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي 4 آڪٽوبر تي ڪوئيٽا رجسٽري ۾ ئي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*