پيپلز پارٽي جي اڳوڻي صوبائي وزير علي نواز مهر چيو آهي ته گهوٽڪي ضلعي جا صنعتي ادارا مقامي ماڻهن کي روزگار نٿا ڏين

ghotki raja

پيپلز پارٽي جي اڳوڻي صوبائي وزير علي نواز مهر چيو آهي ته گهوٽڪي ضلعي جا صنعتي ادارا مقامي ماڻهن کي روزگار نٿا ڏين، عوام روڊن تي نڪرندو ته اسين عوام کي روڪي نه سگهنداسين ۽ ساڻن گڏ هونداسين.

گهوٽڪي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي علي نواز مهر چيو ته او جي ڊي سي ايل ڪمپني شينڪ بند جي بحاليءَ لاءِ پئسا ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو، جنهن تان ڦري وئي آهي.

هن چيو ته پنجاب جي صنعتي ادارن جو زهريلو پاڻي گهوٽڪي ضلعي جي زمينن کي تباهه ڪري رهيو آهي، جنهن معاملي تي پارٽي قيادت سان ڳالهايو ويندو.

علي نواز مهر چيو ته گهوٽڪي ضلعي جا صنعتي ادارا مقامي ماڻهن کي روزگار نٿا ڏين، عوام روڊن تي نڪرندو ته اسين عوام کي روڪي نه سگهنداسين ۽ ساڻن گڏ هونداسين……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*