وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي چيو آهي ته ڀارت بندوق جي زور تي ڪشمرين کي خود اراديت واري مطالبي تي هٿ نٿو کڻائي سگهي

isb chodhry nisar or raja farooq

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي چيو آهي ته ڀارت بندوق جي زور تي ڪشمرين کي خود اراديت واري مطالبي تي هٿ نٿو کڻائي سگهي.

اسلام آباد ۾ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان سان آزاد ڪشمير جي وزير اعظم راجا محمد فاروق حيدر ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي رياستي دهشتگردي سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

چوڌري نثار چيو ته ڀارت بندوق جي زور تي ڪشميرين کي خود اراديت واري مطالبي تان هٿ نٿو کڻائي سگهي،  پاڪستان ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل آهي.

هن چيو ته ڀارت بلاجواز الزامبازي ڪري امن عمل ۾ رنڊڪ بڻجي رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستان خطي جي بهتري لاءِ جاکوڙي رهيو آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*