صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته سندس خواب 20 ڏينهن لاءِ هو، 10 ڏينهن اندر تبديلي نه آئي ته پوءِ عام چونڊون 2018ع ۾ ٿينديون، ڊسمبر ۾ ڪراچي اندر وڏي تبديلي ايندي

manzoor-wasan19-8

صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته سندس خواب 20 ڏينهن لاءِ هو، 10 ڏينهن اندر تبديلي نه آئي ته پوءِ عام چونڊون 2018ع ۾ ٿينديون، ڊسمبر ۾ ڪراچي اندر وڏي تبديلي ايندي، ايندڙ ڏينهن ۾ ايم ڪيو ايم جا به ڪيترائي ماڻهو پ پ ۾ شامل ٿيندا.

ڪراچي ۾ چيمبر آف ڪامرس انڊسٽري جي تقريب ۾ صنعتڪارن کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير منظور وساڻ چيو ته سندس خواب 20 ڏينهن جو هو، جنهن مان 10 ڏينهن گذري ويا آهن، باقي 10 ڏينهن اندر تبديلي نه آئي ته پوءِ چونڊون 2018ع ۾ ٿينديون.

منظور وساڻ چيو ته ڊسمبر تائين ڪراچي ۾ به وڏي تبديلي ايندي، حڪيم بلوچ ته ڇا ڪيترائي ماڻهو پ پ ۾ شامل ٿيندا، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ايم ڪيو ايم جا به ڪيترائي ماڻهو پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيندا.

صوبائي وزير چيو ته گئس جي ضرورت پنجاب کي آهي پر ايران مان گئس لاءِ سڀ کان پهريان وصولي سنڌ کان ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*