حيدرآباد ۾ڄامشوري جي خاصخيلي برادري جي ماڻهن پوليس ۽ بااثرن جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

hyd police against proetst

حيدرآباد ۾ڄامشوري جي خاصخيلي برادري جي ماڻهن پوليس ۽ بااثرن جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ڳوٺ خدا بخش خاصخيلي جي  رهواسين خدا بخش خاصخيلي، ڌڻي بخش ۽ انور علي جي اڳواڻي ۾ ڊي ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي مظاهرين ڄامشورو پوليس ۽ بااثرن تي الزام مڙهيو ته سندن جيئڻ تنگ ڪري ڇڏيو آهي، گهرن تي چڙهايون ڪري ماڻهن کي کنڀيو پيو وڃي.

مظاهرين چيو ته بااثرن پوليس جي مدد سان زرعي زمين تي قبضو ڪري بي گهر ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته کين ڌمڪيون به ڏنيون پيون وڃن.

رهواسين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته بااثر وڏيرن ۽ پوليس عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري زرعي زمين تان قبضو ختم ڪرايو وڃي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*