آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان ترڪي جي هم منصب ملاقات ڪري خطي جي سڪيورٽي صورتحال ۽ علائقائي سلامتي سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي
آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان ترڪي جي هم منصب ملاقات ڪري خطي جي سڪيورٽي صورتحال ۽ علائقائي سلامتي سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ترڪي جي جنرل دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي قربانين کي ساراهيو.
پاڪستان جي دوري تي پهتل ترڪش ڪمانڊر جنرل صالح ذڪي جي ايڇ ڪيو راولپنڊي جو دورو ڪيو، جتي هن شهيدن جي يادگار تي گل رکيا.
ان موقعي تي ترڪي جي جنرل صالح ذڪي آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن، خطي جي صورتحال، علائقائي امن ۽ فوج جي پيشوراڻي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ترڪي جي جنرل کي پاڪ فوج جي پيشوراڻي ۽ تربيتي معاملن کان به آگاهه ڪيو ويو.
ترڪش جنرل دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي قربانين جي واکاڻ ڪندي چيو ته خطي ۾ امن ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان جو ڪردار انتهائي اهم آهي………………….