ايم ڪيو ايم لنڊن جي قيادت ماننس الطاف حسين وارو فارمولو رد ڪندي چيو آهي ته الطاف حسين ۽ مهاجرن کي ڪو به ڌار نٿو ڪري سگهي

nadeem nusratايم ڪيو ايم لنڊن جي قيادت ماننس الطاف حسين وارو فارمولو رد ڪندي چيو آهي ته الطاف حسين ۽ مهاجرن کي ڪو به ڌار نٿو ڪري سگهي، هـُو سڪيورٽي ادارن يا ڪنهن جي به خلاف نه آهن، کين پنهنجا حق ڏنا وڃن.

ڪراچي ۾ 22 آگسٽ تي پيش آيل واقعي کانپوءِ ايم ڪيو ايم لنڊن جي ڪنوينر نديم نصرت پاران پهريون ڀيرو بيان جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ الطاف حسين جي حمايت جو اعلان ڪيو ويو آهي.

نديم نصرت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايم ڪيو ايم ئي مهاجرن کي سڃاڻپ ڏني، کين مهاجر هئڻ تي فخر آهي.

هن چيو ته الطاف حسين ئي ايم ڪيو ايم جو باني آهي، مهاجرن کي ڪير به الطاف حسين کان ڌار نٿو ڪري سگهي.

نديم نصرت وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ عدالت کان مٿانهين قتل وارن واقعن کانپوءِ 2 حڪومتون برطرف ڪيون ويون پر هيل تائين قتل ۾ ملوث ماڻهن کي سزا ناهي ملي سگهي.

ايم ڪيو ايم لنڊن جي ڪنوينر چيو ته هو پاڪ فوج سميت ڪنهن به اداري جي خلاف نه آهن، کين پنهنجا حق ڏنا وڃن ۽ ڀت سان لڳائڻ وارو سلسلو بند ڪيو وڃي.

واضح رهي ته ڪراچي ۾ 22 آگسٽ تي ملڪ دشمن تقريرن ۽ ميڊيا هائوسز تي حملن کانپوءِ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي قيادت الطاف حسين کان لاتعلقي جو اعلان ڪيو هو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*