پاڪستان ۽ امريڪا والاريل ڪشمير ۾ پرتشدد ڪاررواين تي ڳڻتي جو اظهار

US-State-Department-spokesman-John-Kirby-21916

پاڪستان ۽ امريڪا والاريل ڪشمير ۾ پرتشدد ڪاررواين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، امريڪي پرڏيهي ترجمان جان ڪربي، جان ڪيري ۽ وزيراعظم نوازشريف وچ ۾ ملاقات جو پڌرنامو جاري ڪندي چيو ويو آهي ته پاڪستان 40 سالن تائين افغان مهاجرن کي پناهه ڏيڻ تي جس لهڻي، دهشتگردي خلاف پاڪستان جون ڪوششون به واکاڻ جوڳيون آهن.

امريڪي پرڏيهي ترجمان جان ڪربي چيو ته ملاقات دوران والاريل ڪشمير ۾ تشدد تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو.

جان ڪربي چيو ته وزيراعظم نوازشريف ۽ جان ڪيري وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ پاڪ امريڪا اسٽريٽجڪ ڳالهين تي غور ٿيو، جان ڪيري ايٽمي پروگرام محدود ڪرڻ واري ضرورت تي زور پڻ ڏنو.

هن چيو ته جان ڪيري معاشي حالتون سڌارڻ تي وزيراعظم نوازشريف جي واکاڻ ڪئي ۽ دهشتگردي خلاف پاڪ فوج جي ڪردار کي ساراهيو.

جان ڪربي چيو ته نوازشريف ۽ جان ڪيري جي ملاقات دوران افغانستان سميت علائقائي صورتحال تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ امريڪي پرڏيهي ترجمان 40 سالن تائين افغان مهاجرن کي پناهه ڏيڻ تي پاڪستان کي خراج تحسين پيش ڪيو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*