جيڪب آباد ويجهو هڪ گهر مان عورت ۽ سندس 6 ورهين جي ڌيءُ جا لاش هٿ ڪيا ويا، پوليس موجب شڪ آهي

jacabad muder

جيڪب آباد ويجهو هڪ گهر مان عورت ۽ سندس 6 ورهين جي ڌيءُ جا لاش هٿ ڪيا ويا، پوليس موجب شڪ آهي ته ٻنهي کي ڳلو ڪپي قتل ڪيو ويو آهي، جاچ لاءِ ٻن گهر ڀاتين کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جڏهن ته گهر ڀاتين جو موقف آهي ته هڪ خوني جانور جي حملي سبب عورت ۽ ٻارڙي فوت ٿيون آهن.

 ڳوٺ رحيم بخش جتوئي ۾ پورهيت امداد جتوئي جي گهر مان مسمات عابده ۽ سندس 6 ورهين جي ڌيءَ شهلا گل جا لاش هٿ اچڻ بعد پوليس پهچي لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيا.

گهر ڀاتين جو چوڻ آهي ته ماءُ  ۽ ان جي ڌيءَ گهر جي هڪ ڌار ڪمري ۾ ستل هيون ته  عصر ويل هڪ خوني جانور حملو ڪري کين ماريو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته شڪ آهي ته عورت ۽ ان جي معصوم ڌيءَ کي ڳلو ڪپي قتل ڪيو ويو آهي، پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد قتل جا صحيح ڪارڻ معلوم ٿي سگهندا.

پوليس جو چوڻ آهي ته فوتي عورت عابده جي ڏير حبيب الله ۽ هڪ عورت حراست ۾ ورتو ويو آهي، جن کان معاملي جي جاچ جاري آهي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*