سپريم ڪورٽ سپر ماڊل ايان علي جي درخواستن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ کي 3 آڪٽوبر تائين فيصلو ٻڌائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

Ayyan-Ali

سپريم ڪورٽ سپر ماڊل ايان علي جي درخواستن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ کي  3 آڪٽوبر تائين فيصلو ٻڌائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

چيف جسٽس  جسٽس انور ظهير جمالي جي  سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي بينچ سپر ماڊل ايان علي جي اي سي  ايل مان نالو ڪڍڻ سميت ٻين درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

سپر ماڊل ايان علي جي وڪيل لطيف کوسو سپريم ڪورٽ ۾ دليل ڏيندي چيو ته  ايان علي جو نالو بار بار اي سي ايل ۾ شامل ڪيو پيو وڃي، ڇا ايان علي جي لاءِ ملڪ ۾ قانون الڳ آهي؟

سپريم ڪورٽ رمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ 15 جولاءِ تي اي سي ايل ڪيس بابت حڪم ڏنو هو، سنڌ هاءِ ڪورٽ کي وڏي تاريخ نه ڏيڻ گهرجي ها.

سپريم ڪورٽ ماڊل ايان علي جو نالو اي سي ايل مان خارج ڪرڻ بابت درخواستون اڪلائيندي سنڌ هاءِ ڪورٽ کي  حڪم ڏنو ته 3  آڪٽوبر تائين ايان علي جي درخواستن تي فيصلو ٻڌايو وڃي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*