تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پاناما ليڪس معاملي تي سپريم ڪورٽ کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي
تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پاناما ليڪس معاملي تي سپريم ڪورٽ کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن انصاف جي فراهمي بند ٿيندي ته خوني انقلاب ايندو آهي.
عمران خان پنهنجي ڪيل ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته ملڪ ۾ غريبن ۽ اميرن لاءِ ڌار ڌار قانون آهن، ملڪ ۾ غريبن ۽ ڪمزورن کي جيل اماڻيو وڃي ٿو، طاقتورن خلاف ڪارروائي نه پئي ڪئي وڃي.
تحريڪ انصاف جي چيئرمين چيو ته پاناما ليڪس ۾ ڪرپشن ظاهر ٿي پر ادارا ڪارروائي بدران ڪرپشن بچائن پيا، پبلڪ اڪائونٽس ڪيمٽي اجلاس ۾ ملڪ جي ٻن وڏن ادارن ڪرپشن بچائڻ لاءِ بهانا ڪيا ويا.
عمران خان چيو ته سپريم ڪورٽ کي پاناما ليڪس معاملي تي نوٽيس وٺڻ گهرجي، جيڪڏهن انصاف جي فراهمي بند ٿيندي آهي ته خوني انقلاب ايندو آهي…..