خانواهڻ مان کنڀي گم ڪيل جسقم اڳواڻ راجا منگي جي آزادي لاءِ ڪنڊيارو ۾ جسقم ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

kandiaro protest

خانواهڻ مان کنڀي گم ڪيل جسقم اڳواڻ راجا منگي جي آزادي لاءِ ڪنڊيارو ۾ جسقم ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

جسقم ڪارڪنن شهر جي مک چوڪ کان ريلي ڪڍي مختلف علائقن جو گشت ڪرڻ بعد پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته خانواهڻ مان جسقم اڳواڻ راجا منگي کي کنڀي  گم ڪيو ويو آهي، جيڪا قومي ڪارڪنن خلاف سازش آهي.

هنن چيو ته سنڌ جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ڪارڪنن ۽ اڳواڻن خلاف بنا جواز ڪارروايون ڪيون پيون وڃن، جنهن جي هو سخت مذمت ڪن ٿا.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته جسقم اڳواڻ راجا منگي کي فوري طور آزاد ڪري قومي ڪارڪنن خلاف ڪارروايون بند ڪيون وڃن…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*