سپريم ڪورٽ، آئوٽ آف پروموشن ڪيس ۾ آءِ جـِي پنجاب جي رپورٽ رد ڪندي آفيسرن جي سينارٽي واري معاملي جو ٻيهر جائزو وٺي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

Supreme-Court-13716

سپريم ڪورٽ، آئوٽ آف پروموشن ڪيس ۾ آءِ جـِي پنجاب جي رپورٽ رد ڪندي آفيسرن جي سينارٽي واري معاملي جو ٻيهر جائزو وٺي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

جسٽس امير هاني مسلم جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي بينچ پنجاب پوليس ۾ آئوٽ ٽرن پروموشن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران آءِ جي پنجاب مشتاق سـُکيرا پوليس آفيسرن جي آئوٽ آف ٽرن پرموشن بابت رپورٽ پيش ڪئي.

جسٽس امير هاني مسلم ريمارڪس ڏنا ته آءِ جي پنجاب جي پوليس ڏٺي، جيڪا درست نه آهي، ريٽائرڊ ۽ شهيد پوليس آفيسرن جا پرموشن به واپس ورتا ويا آهن پر سپريم ڪورٽ جو فيصلو رٽائرڊ يا شهيد آفيسرن تي لاڳو ناهي هوندو.

جسٽس امير هاني مسلم سوال ڪيو ته جيڪو آفيسر سروس ۾ ئي ناهي، اهو آئوٽ آف ٽرن جو بيچ ڪيئن ٿو لڳائي سگهي.؟

پنجاب حڪومت جي وڪيل چيو ته قانون واري وزارت جي مشاورت کانپوءِ آءِ جي پرموشن واري معاملي تي فيصلا ڪيا آهن.

سپريم ڪورٽ ريمارڪس ڏنا ته آئوٽ آف ٽرن پرموشن جو تصور واپس ورتو ويو آهي، عدالتي فيصلي موجب جن آفيسرن کي آئوٽ آف پروموشن ڏنا ويا، اهي واپس ورتا وڃن.

عدالت، آءِ جي پنجاب جي رپورٽ رد ڪندي چيو ته پوليس آفيسرن جي سينارٽي جو جائزو وٺي ٻيهر رپورٽ پيش ڪئي وڃي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*