سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد سنڌي ٻولي اختياري جي مقرري واري اشتهار خلاف سرفراز راڄڙ جي درخواست اڪلائيندي سنڌ حڪومت کي 15 ڏينهن اندر نئون چيئرمين مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

hyd high court

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد سنڌي ٻولي اختياري جي مقرري واري اشتهار خلاف سرفراز راڄڙ جي درخواست اڪلائيندي سنڌ حڪومت کي 15 ڏينهن اندر نئون چيئرمين مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

سنڌي ٻولي اختياري جي وقتي ڪم ڪار سنڀاليندڙ چيئرمين سرفراز راڄڙ ثقافت کاتي پاران چيئرمين جي عهدي تي ڀرتي لاءِ ڏنل اشتهار خلاف درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته سنڌي ٻولي اختياري هڪ بااختيار ادارو آهي، ان جي چيئرمين جي مقرري جو اشتهار ڏيڻ اختيارين ۾ مداخلت آهي.

ٻڌڻي دوران ثقافت کاتي پاران وڪيل آيت الله خواجه ۽ درخواست گذار پاران صولت رضوي پيش ٿيا، عدالت ٻنهي ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد درخواست اڪلائي ڇڏي.

عدالت حڪم ڏنو ته سنڌ جو وڏو وزير سنڌي ٻولي اختياري جي قانون موجب ڪميٽي ٺاهي، 15 ڏينهن اندر نئون چيئرمين مقرر ڪري عدالت کي آگاهي ڏئي.

سپريم ڪورٽ جي او پي ايس خلاف فيصلي کانپوءِ سنڌي ٻولي جي با اختيار اداري جي ان وقت جي چيئرمين فهميده حسين کي هٽايو ويو هو، جنهن بعد اداري جي بورڊ آف گورنرز سرفراز راڄڙ کي وقتي ڪم  سنڀالڻ لاءِ چيئرمين مقرر ڪيو هو.

مراد علي شاهه جي وڏي وزير ٿيڻ بعد ثقافت کاتي جي نئين وزير سردار شاهه چارج سنڀالي ته اداري جي چيئرمين مقرر ڪرڻ لاءِ اشتهار ڏنو ويو هو، جنهن لاءِ درخواست ڏيڻ جي آخري تاريخ 23 سيپٽمبر آهي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*