حيدرآباد ۽ وڳڻ ويجهو ڌار ڌار روڊ حادثن جي نتيجي ۾ هڪ عورت سميت 2 ڄڻا فوت ٿي ويا

حيدرآباد ۽ وڳڻ ويجهو ڌار ڌار روڊ حادثن جي نتيجي ۾ هڪ عورت سمت 2 ڄڻا فوت ۽ هڪ عورت سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

حيدرآباد ڀرسان هٽڙي ۾ اٺ گاڏي ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ نوجوان گلزار جمالي ٿڏي تي فوت ٿي ويو ۽ اصغر رستماڻي زخمي ٿي پيو.

وڳڻ ويجهو ڪبوتر واهه موري وٽ چنگچي رڪشا تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ عورت اقبال خاتون شيخ فوت ٿي وئي.

حادثي جي نتيجي ۾ عورت اشرف خاتون، محمد عرس مغيري، ارشاد ڪوري ۽ سعيد ڀٽو زخمي پيا، جن کي لاڙڪاڻي اسپتال منتقل   ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*