سپريم ڪورٽ صوبن جي وڏن وزيرن کان اسسٽنٽ ڪمشنرن جي مقررين جا اختيار واپس وٺي ڇڏيا آهن

Supreme-Court-14-4-16

سپريم ڪورٽ  صوبن جي وڏن وزيرن کان  اسسٽنٽ ڪمشنرن جي مقررين جا اختيار واپس وٺي ڇڏيا آهن.

جسٽس امير هاني مسلم جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ درخواستگذار شاهد لغاري جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

سپريم ڪورٽ رمارڪس ڏيندي چيو ته وڏو وزير ويسٽ پاڪستان رول تحت اسسٽنٽ ڪمشنرن جي مقرري نه ٿو ڪري سگهي.

سپريم ڪورٽ رمارڪس ڏيندي چيو ته 73 ع جي آئين بعد ويسٽ پاڪستان رول تحت مقررين جي قانوني حيثيت نه آهي.

سپريم ڪورٽ صوبن جي وڏن وزيرن کان اسسٽنٽ ڪمشنرن جي سڌين مقررين وارا اختيار واپس وٺندي ڪيس اڪلائي ڇڏيو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*