اتر ڪوريا جي ايٽمي تجربن کناپوءِ امريڪا جي سپر سونڪ بمبار جهازن جي ڏکڻ ڪوريا مٿان اڏامن تي چين ڌرين کي صبر کان ڪم وٺڻ تي زور ڀريو آهي

northkoria

اتر ڪوريا جي ايٽمي تجربن کناپوءِ امريڪا جي سپر سونڪ بمبار جهازن جي ڏکڻ ڪوريا مٿان اڏامن تي چين ڌرين کي صبر کان ڪم وٺڻ تي زور ڀريو آهي.

امريڪا ٻن سپر سونڪ بمبار جهازن بي ون بر لانسر اسٽريٽجڪ بمبار جهازن ڏکڻ ڪوريا مٿان اڏام ڪرڻ بعد گادي واري شهر سيئول کان 40 ڪلوميٽر مفاصلي تي ايئربيس تي لينڊنگ ڪئي.

ڏکڻ ڪوريا امريڪي جهازن جي اڏام کي سندن اتحادي ملڪ پاران طاقت جو مظاهرو قرار ڏيندي چيو ته آهي ته ان سان امريڪا جي ٻيٽ نما ڪوريا جي حفاظت ۽ سلامتي جو عزم ظاهر ٿئي ٿو.

ان کان اڳ 13 سيپٽمبر تي پڻ امريڪا پاران بي ون جهازن ڏکڻ ڪوريا مٿان اڏام ڪري سيئول سان پنهنجي ايڪتا جو اظهار ڪيو هو.

اتر ڪوريا عالمي دٻاءُ رد ڪندي 9 سيپٽمبر تي ايٽمي ڌماڪو ڪيو هو، جنهن بعد امريڪا توڙي ڏکڻ ڪوريا ۽ جاپان کي ڳڻتي ورائي وئي آهي ۽ اهي پيانگ يانگ تي وڌيڪ پابنديون لڳرائڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن.

ٻئي پاسي چين امريڪا توڙي اتر ڪوريا تي زور ڀريو آهي ته چڙ ڏياريندڙ عمل کان پاسو ڪري صبر کان ڪم ورتو وڃي.

Comments

  1. Ilyas
    Ilyas 22 September, 2016, 08:37

    Vary nice I t n

    Reply this comment

Write a Comment

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*