ترڪي جي گادي واري شهر انقره ۾ پوليس اسرائيلي سفارتخاني ٻاهران شڪي حملي آور کي گولي هڻي زخمي ڇڏيو آهي

turky israil attack

ترڪي جي گادي واري شهر انقره ۾  پوليس اسرائيلي سفارتخاني ٻاهران شڪي حملي آور کي گولي هڻي زخمي ڇڏيو آهي.

اسرائيل جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب انقره ۾ سفارتخاني جو عملو مڪمل طور تي محفوظ آهي ۽ حملي آور سفارتخاني تائين پهچڻ کان اڳ ئي زخمي ٿي ويو هو.

اسرائيلي پرڏيهي کاتي موجب شڪي حملي آور کي ترڪي جي مقامي سڪيورٽي اهلڪارن گولي هڻي زخمي ڪيو هو.

ترڪ پوليس موجب اسرائيلي سفارتخاني ٻاهران حملي آور الله اڪبر جو نعرو هنيو، جنهن تي پوليس اهلڪارن کيس ڄنگهه ۾ گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته سندس تحويل ۾ ورتل ٿيلهي جي به تلاشي ورتي پئي وڃي پر اڃا تائين اهو واضح نه ٿي سگهيو آهي ته ڪو ان بيگ ۾ ڌماڪيدار مادو هو يا نه.

انقره جي گورنر جي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب شڪي شخص ذهني طور غير مستحڪم لڳي رهيو هو ۽ اڃا تائين سندس ڪنهن دهشتگرد تنظيم سان تعلق ظاهر نه ٿيوآهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*