امريڪي رياست اتر ڪيرولينا ۾ پوليس ڪاري نسل جي شخص کي فائرنگ ڪري مارڻ خلاف پرتشدد مظاهرن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي

north carolina

امريڪي رياست اتر ڪيرولينا ۾ پوليس ڪاري نسل جي شخص کي فائرنگ ڪري مارڻ خلاف پرتشدد مظاهرن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.

پوليس موجب اهلڪار شارلوٽ واري علائقي ۾ وارنٽ جاري ٿيل هڪ جوابدار جي گرفتاري لاءِ اپارٽمينٽس جي تلاشي وٺي رهي هئي ته ان دوران اسڪاٽ نالي شخص پنهنجي گاڏي مان هٿيار سان گڏ ٻاهر نڪتو ته برينٽلي وِنسن نالي اهلڪار اسڪاٽ تي فائر ڪيو.

پوليس جي فائرنگ ۾ اسڪاٽ مارجي ويو، جنهن بعد احتجاج جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، احتجاج ڪندڙن روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، پوليس موجب گاڏيون بيهجي وڃڻ کانپوءِ انهن مان باڪس چورايا ويا ۽ باهيون لڳايون ويون.

اتر ڪيرولينا پوليس موجب مظاهرين جي پرتشدد ٿيڻ بعد کين ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ شيلنگ ڪئي وئي، جنهن تي احتجاج ڪندڙن به مٿن پٿراءُ ڪيو.

امريڪا ۾ پوليس هٿان ڪاري نسل جي ماڻهن جي مارجڻ جا واقعا عام جام ٿي رهيا آهن، جنهنڪري ڪاري نسل سان تعلق رکندڙ عوام ۾ احساس محرومي وڌي رهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*