هالي ووڊ اسٽار ۽ گڏيل قومن جي عورتن بابت خير سگالي واري سفير ايما واٽسن زور ڀريو آهي ته يونيورسٽين ۾ عورتن سان متڀيدي ورتاءُ بدران برابري جو درجو ملڻ گهرجي

un-gender

هالي ووڊ اسٽار ۽ گڏيل قومن جي عورتن بابت خير سگالي واري سفير ايما واٽسن زور ڀريو آهي ته يونيورسٽين ۾ عورتن سان متڀيدي ورتاءُ بدران برابري جو درجو ملڻ گهرجي.

نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي عورتن بابت مهم هي فار شي کي خطاب ڪندي ايما واٽسن انهن ماڻهن جو ٿورو مڃيو، جن پنهنجي زندگين ۽ پنهنجي يونيورسٽين مان جنسي برابري کي اوليت بڻايو آهي.

ايما واٽسن جو چوڻ هو ته يونيورسٽين ۾ هر قسم جي تشدد کي تڙي ڪڍڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته يونيورسٽين ۾ جيڪڏهن اهو چيو وڃي ته عورتون اڳواڻي نٿيون ڪري سگهن ته پوءِ ڇا ٿيندو، ڇاڪاڻ ته اڃا تائين سياست ۾ عورتن کي جنسي اڻبرابري کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

هن چيو ته سڄي دنيا ۾ مختلف هنڌن تي عورتن تي جنسي تشدد اڄ به عام آهي، جنهنڪري جيڪڌهن يونيورسٽيون شاگردن جي تجربن کي تبديل ڪن ته برابري جي اميد پيدا ٿيني ۽ معاشرو تبديل ٿي ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*