اطلاعات واري صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊيي چيو آهي عمران خان رائيونڊ ڇو نٿو وڃي سگهي

mola baksh

اطلاعات واري صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊيي چيو آهي عمران خان رائيونڊ ڇو نٿو وڃي سگهي، ڪفن ٻڌڻ حڪومت نه پر اپوزيشن جو ڪم آهي، جيڪڏهن ڪو تصادم ٿيو ته اسان جون همدرديون اپوزيشن سان گڏ هونديون.

حيدرآباد ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي ورسي تقريب کي خطاب ڪندي مولا بخش  چانڊيي جو چوڻ هو ته ٽنگون ڀڃڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ ن ليگ جي ايوب جي دور کان روايت هلندڙ آهي.

هن چيو ته ن ليگ جا ڪارڪن  ڪفن ٻڌي ٽي وي تي نظر اچن ٿا، اهو ڪم حڪومت نه پر اپوزيشن جوهوندو آهي، جيڪڏهن به تصادم ٿيو ته سڀ کان وڌيڪ نقصان حڪومت جو ئي  ٿيندو.

مولابخش چانڊيي چيو ته پي ٽي آءِ وارا رائيونڊ ڇو نٿا وڃي سگهن، جيڪڏهن ان وقت ن ليگ جا ڪارڪن ميدان تي لٿا ته خانه جنگي ٿي سگهي.

مولابخش چانڊيي جو وڌيڪ چوڻ هو ته تصادم واري صورتحال ٿي ته اسان جون همدرديون اپوزيشن سان هونديون، ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادار به ڇپ نه ويهندا……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*