پي ايم ڊي سي جي پابندي باوجود لاڙڪاڻي جي بي بي آصفه ڊينٽل ڪاليج ۽ سکر جي غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج داخلائن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي

lrk medical

پي ايم ڊي سي جي پابندي باوجود لاڙڪاڻي جي بي بي آصفه ڊينٽل ڪاليج ۽ سکر جي غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج داخلائن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي، پي ايم ڊي سي اختيارين جو چوڻ آهي ته داخلا وٺندڙ شاگردن کي سرٽيفڪيٽ جاري نه ڪيا ويندا.

پي ايم ڊي سي جي پابندي باوجود غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج پاران ايم بي بي ايس جي 100 سيٽن تي داخلا  لاءِ 10 آڪٽوبر  2016ع کان فارم وصول ڪرڻ ۽ جمع ڪرائڻ جو شيڊول جاري  ڪري ڇڏيو آهي.

 لاڙڪاڻي جي بي بي آصفه ڊينٽل ڪاليج انتظاميه به بي ڊي ايس جي 50 سيٽن تي داخلا جي لاءِ به 10 آڪٽوبر تي فارم جمع ڪرائڻ جو شيڊول جاري ڪيو آهي.

ياد رهي ته، ڪجهه هفتا پهريان پي ايم ڊي سي هڪ ليٽر جاري ڪندي غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج ۽ بي بي آصفه ڊينٽل ڪاليج جي انتظاميه کي وارننگ ڏني هئي ته، ٻنهي ڪاليجز جون فيڪلٽيز مڪمل نه آهن انڪري انهن جي  رجسٽريشن معطل ڪئي وڃي ٿي.

پي ايم ڊي سي پاران جاري ڪيل هدايتن ۾ واضع طور چيو ويو هو ته، جيڪڏهن ٻنهي ڪاليجز ۾ شاگردن کي داخلا ڏني وئي ته انهن کي سرٽيفڪيٽ جاري نه ڪيا ويندا.

پي ايم ڊي سي پاران اهو به چيو ويو آهي ته ڄاڻايل ڪاليجز ۾ داخلا وٺندڙ شاگرد انٽرنيشنل ايسوسيئيشن آف ميڊيڪل رجسٽريشن اٿارٽي ۾ به پاڻ کي رجسٽرڊ نه ڪرائي سگهندا.

واضح رهي ته ڄاڻايل ڪاليجز جون فئڪلٽيز ۽ ٻيون بنيادي گهرجون پوريون نه ٿيڻ ڪري پي ايم ڊي سي پاران رجسٽريشن روڪيل آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*