سينيٽ اسٽينڊنگ ڪميٽي حيدرآباد کان سکر تائين نيشنل هاءِ وي ۾ ناقص مٽيريل جي استعمال تي وزيراعظم کي خط لکڻ جو فيصلو ڪري ورتو

سينيٽ جي مواصلات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ حيدرآباد کان سکر تائين ٺهندڙ نيشنل هاءِ وي جو دورو ڪرڻ ۽ ناقص مٽيريل جي استعمال تي وزيراعظم کي خط لکڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، سينيٽر عاجز ڌامراهه چيو آهي ته روڊن جي تعمير ۾ ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ سبب حادثا معمول بڻيل آهن.

اسلام آباد ۾ سينيٽر دائود اچڪزئي جي صدارت هيٺ سينيٽ جي مواصلات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ پ پ سينيٽر عاجز ڌامراهه، حيدرآباد کان سکر تائين ٺهندڙ نيشنل هاءِ وي جو معاملو اٿاريو.

سينيٽر عاجز ڌامراهه چيو ته  روڊن جي ٺهڻ ۾ ناقص مٽيريل استعمال پيو ٿئي ۽ روڊ اکڙي وڃن ٿا، جنهن سبب حادثا پيش اچن ٿا، خيرپور ۾ ٺيڙهي باءِ پاس حادثو به سڀني جي آڏو آهي.

عاجز ڌامراهه ڪميٽي کي درخواست ڪئي ته نيشنل هاءِ وي جي تعمير جو معائنو ڪيو وڃي، جنهن تي ڪميٽي حيدرآباد کان سکر تائين تعمير ٿيندڙ نيشنل هاءِ وي جي دوري جو فيصلو ڪيو.

ڪميٽي چيئرمين چيو ته ان سلسلي ۾ وزيراعظم نواز شريف کي پڻ خط لکيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*