ٿرپارڪر ضلعي ڪائونسل جي پهرين اجلاس ۾ ٿر ڪول پراجيڪٽ ۾ مقامي ماڻهن کي نظرانداز ڪري ڌارين کي نوڪريون ڏيڻ ۽ ٿر ۾ قيمتي وڻن جي غير قانوني واڍيءَ خلاف ٺهراءَ پاس ڪيا ويا

mithi

ٿرپارڪر ضلعي ڪائونسل جي پهرين اجلاس ۾ ٿر ڪول پراجيڪٽ ۾ مقامي ماڻهن کي نظرانداز ڪري ڌارين کي نوڪريون ڏيڻ ۽ ٿر ۾ قيمتي وڻن جي غير قانوني واڍيءَ خلاف ٺهراءَ پاس ڪيا ويا.

ٿرپارڪر ضلعي ڪائونسل جو پهريون اجلاس چيئرمين ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو جي صدارت هيٺ ڊي سي آفيس جي درٻار هال ۾ ٿيو.

اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي سميت مختلف کاتن جا آفيسر نه اچڻ تي چيئرمين سميت ميمبرن طرفان ناراضگي جو اظهار ڪندي غير حاضر رهندڙ آفيسرن کي وارننگ ليٽر جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

اجلاس ۾ ضلعي ڪائونسل ٿرپارڪر جي وائيس چيئرمين ڪنور ڪرني سنگهه طرفان ٿر ۾ چوپائي مال جي چراگاهن تي غير قانوني قبضا ختم ڪرائڻ ۽ قيمتي وڻن جي غيرقانوني واڍي روڪرائڻ لاءِ ٺهراءُ پيش ڪيو ويو، جيڪو اڪثريت سان منظور ڪيو ويو.

ضلعي ڪائونسل جي ميمبر ڪملا ڀيل خطاب ڪندي چيو ته ٿر معدني وسيلن سان مالامال آهي پر ان جو فائدو مقامي ماڻهن کي نه پيو ملي.

هن چيو ته ٿر جي ڪوئلي واري پراجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ ڪمپنيون مقامي ماڻهن کي نظرانداز ڪري ٻاهرين ماڻهن کي نوڪريون ڏئي رهيون آهن.

اجلاس کي خطاب ڪندي ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو چيو ته ضلعي ٿرپارڪر جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرائڻ لاءِ سنڌ حڪومت کان خاص پيڪيج منظور ڪرايو ويندو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*