امريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري سرڪاري دوري تي پاڪستان پهچي ويو

امريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري سرڪاري دوري تي پاڪستان پهچي ويو آهي، جان ڪيري وزيراعظم ۽ آرمي چيف سان ملاقاتون ڪري خطي جي سڪيورٽي صورتحال سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪندو، جڏهن ته آمريڪي سينٽ ڪام جو سربراهه جنرل آسٽن به پاڪستان پهچي آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان ملاقات ڪئي آهي.

امريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري ڀارت جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان پهچي ويو آهي، وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار سرتاج عزيز سندس آجيان ڪئي.

ذريعن موجب امريڪي پرڏيهي وزير پنهنجي ٻن ڏينهن واري دوري دوران وزيراعظم نواز شريف، صدر ممنون حسين ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان ملاقاتون ڪندو.

امريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري ملاقاتن دوران دهشتگردي خلاف جنگ، خطي جي مجموعي صورتحال ۽ ٻه طرفن لاڳاپن تي ڳالهيون ڪندو.

جان ڪيري جي دوري دوران پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ اسٽريٽجڪ ڳالهيون پڻ ٿينديون.

جان ڪيري جي گاڏي سان ڀارت جي شهر احمد آباد ۾ پاڪستان روانگي وقت حادثو پيش آيو پر هو محفوظ رهيو.

هوڏانهن آمريڪي سينٽ ڪام جو سربراهه جنرل آسٽن به پاڪستان پهچي ويو آهي، جنرل آسٽن جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان ملاقات ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب، ملاقات دوران دفاعي سهڪار وڌائڻ ۽ سڪيورٽي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون، جڏهن ته جنرل آسٽن شهيدن جي يادگار تي گل پڻ رکيا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*