معيشت بابت آءِ ايم ايف جا 5 جائزا مڪمل ٿي چڪا آهن اسحاق ڊار

پاڪستان، عالمي بينڪ جي پروگرام ۾ شامل ٿي ويو آهي، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته آءِ ايم ايف جا ملڪي معيشت بابت 5 جائزا مڪمل ٿي چڪا آهن، پاڪستان ڇهين جائزي لاءِ به تيار آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو ته ناڻي ذخيرا 15 ارب ڊالرز کان ڪراس ڪري ويا آهن، جنهن بعد پاڪستان عالمي بينڪ جي پروگرام ۾ شامل ٿي ويو آهي.

هن چيو ته معيشت بابت آءِ ايم ايف جا 5 جائزا مڪمل ٿي چڪا آهن،  پاڪستان آءِ ايم ايف جي  6هين معاشي جائزي لاءِ به تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.

اسحاق ڊار چيو ته قرض گهٽ رکڻ سميت سمورا معاشي هدف حاصل ڪيا ويا آهن، جيڪڏهن ڌرڻو نه هجي ها ته 80 هزار ڊالرز او جي ڊي سي مان ملن ها.

ناڻي واري وزير چيو ته ٽيڪس وصولي ۾ 13 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، جڏهن ته تيل اگهن ۾لاٿ کانپوءِ سموريون شيون 35 سيڪڙو سستيون ٿيون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*